لاڙڪاڻي پوليس ٽرينگ سينٽر جي عمارت جا چاپڙ ڪري پيا، 2 اهلڪار زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي پوليس ٽرينگ سينٽر (پي ٽي ايس) ۾ جوانن جي رهائش واري باريڪ جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا،  جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ڪورس تي آيل ضلعي شڪارپور جا ٻه اهلڪار احمد علي جوکيو ۽ ڪاشف ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ساٿي اهلڪارن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن طرفان کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي زخمي اهلڪارن صحافين کي ٻڌايو ته اسان شڪارپور جا رهواسي آهيون، لاڙڪاڻي ۾ لوئر جو ڪوس ڪرڻ لاءِ آيل آهيون، جڏهن ته اسا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد باريڪ  B7۾ پهتاسين ته اوچتو اسان مٿان ڇت جا ڇاپڙ اچي ڪريا، جنهن جي نتيجي ۾ اسان زخمي ٿي پيا آهيون، جڏهن ته اهڙو اطلاع اسان پي ٽي ايس جي پرنسپال اختر حسين چانڊيو کي پڻ ڏنوسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.