وفاقي حڪومت آءِ ڊي پيز کي انهن جي گهرن ۾ موڪلڻ ۽ معاوضي جي ادائگيءَ لاءِ قدم کڻي: محسن داوڙ

اسلام آباد (اي پي پي) اُتر وزيرستان مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر محسن داوڙ افغانستان ۾ رهجي ويل آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ پاڪستان ۾ موجود آءِ ڊي پيز کي معاوضي جي ادائگيءَ جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ محسن داوڙ اعتراض واري نُڪتي تي ڳالهائيندي چيو ته اُتر وزيرستان جي ڪيترن ئي علائقن مان آءِ ڊي پيز افغانستان هليا ويا. اتان ڪيتريون ئي فيمليون واپس ٿيون جيڪي اُتي بُري حالت ۾ آهن، انهن کي معاوضو پڻ نه ڏنو ويو. پاڪستان اندر پڻ آءِ ڊي پيز موجود آهن کين معاوضي جي ادائگيءَ جو عمل روڪيو ويو آهي. هن وقت پڻ آءِ ڊي پيز پشاور ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. وفاقي حڪومت انهن کي گهر موڪلڻ ۽ معاوضي جي ادائگيءَ لاءِ قدم کڻي، جنهن تي اسپيڪر پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت ڪئي.

  • اداره جاتي اسپورٽس جي بحالي جي تجويز غور هيٺ آهي: مرتضيٰ جاويد عباسي

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اداره جاتي اسپورٽس جي بحالي جي تجويز غور هيٺ آهي، ملڪ ۾ هاڪي جي عظمت جي بحالي لاءِ قدم ضروري آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران مولانا عبدالاڪبر چترالي جي سوال تي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اسپورٽس فيڊريشن جي مينيجمينٽ جي مقرري جو هڪ طريقيڪار موجود آهي. هاڪي جي تنزلي جي سببن ۽ هاڪي فيڊريشن بابت معاملن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. هن چيو ته هاڪي جي تنزلي ٿي آهي،  ضروري آهي ته صوبائي، ڊويزن ۽ تعلقي جي سطح تي ان حوالي سان قدم کڻڻ گهرجن. هن وقت هاڪي ۾ پاڪستان 18 هين ۽ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي، هاڪي فيڊريشن جي نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي، اسڪوائش ۽ هاڪي ۾ پاڪستان ماضي ۾ دنيا جي قيادت ڪئي آهي. انهن راندين ۾ ٻيهر بهتر مقام لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.