بٺوري ۾ بدامني، ڦر معمول، پوليس خلاف بک هڙتال

ميرپوربٺورو (ت ر)ميرپوربٺوري ۽ جھوڪ شريف ٿاڻي جي حد ۾ کورواھ روڊ تي ڳوٺن مان ڪڪڙ وٺي گذر سفر ڪندڙ ڪوڪڙي برادري جي  غريب برادري جي پورهيتن کان ڦرون معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب پورهيتن کان ڦر جون 8 کان وڌيڪ وارداتون ٿيون اهن، پورهيتن پاران ساڻن ٿيل ناانصافي خلاف ميرپوربٺورو جي نيشنل بئنڪ چوڪ تي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت احتجاجي بک هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته پورهيتن سان يڪجهتي طور سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ايم پي اي هير سوھو جو چاچو ماما صديق سوهو، شهري اتحاد جو فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو ،مولوي طاهر کٽي ۽ ٻيا بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا، انهي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ميرپور بٺورو ۾ غريب پورهيت ڪوڪڙي برادري جي ماڻهن جو ڦوروئن، ڏوهاري قسم جي ماڻهن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪوڪڙي ٻهراڙيء جي ڳوٺن ۾ گذر سفر لاءِ پندرنهن ويھ هزار کڻي نڪرن ٿا ته انهن کان موٽر سائيڪل تي سوار ڦورو روڪ رقم ڦر ڪري وڃن ٿا، هن وقت تائين ڪوڪڙي برادري جي ماڻهن کان ڏھ کان مٿي ڦرون ٿيون آهن، ٽيڪو ڪوڪڙي ٻڌايو ته مونکان گذريل ڏينهن 8000 روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ٿي وئي جيڪي ڦورو مون سڃاتا آهن، بٺورو ٿاڻي تي پهتس ڦورن جا نالا ٻڌايا آهن پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هنن ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آهي.  ته نوٽيس وٺي اسان غريبن سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان جي بک هڙتال، ۽ احتجاج جاري رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.