نادرا هٿياربند فوج جو ڳڙهه بڻجي ويو، 49 ريٽائرڊ آرمي آفيسرن سميت 1109 ريٽائرڊ فوجي ملازم بڻيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ کي گهرو وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته نادرا ۾ 49 ريٽائرڊ آرمي آفيسرن سميت 1109 ريٽائرڊ فوجي ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته نادرا جي ڪل ملازمن جو انگ 19 هزار 161 آهي.

سينيٽر مشتاق احمد چيو ته نادرا ريٽائرڊ هٿياربند فوج جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، انهن عهدن تي پي ايڇ ڊي نوجوانن کي ڀرتي ڇو نٿو ڪيو وڃي.

جمعي ڏهاڙي سينيٽ جو اجلاس چيئيمرن سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.

سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد چيو ته نادرا ۾ 49 اسٽريٽجڪ عهدن تي ريٽائرڊ آفيسر مقرر آهن، نادرا ريٽائرڊ هٿياربند فوج جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، انهن عهدن تي پي ايڇ ڊي نوجوانن کي ڇو نٿو ڀرتي ڪيو وڃي.

قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته سيڪيورٽي ۾ ريٽائرڊ ماڻهن جو تجربو وڌيڪ هوندو آهي، ان کي اداري جي مفاد ۾ ڪيو پيو وڃي، ريٽائرڊ تجربيڪار ماڻهن کي سيڪيورٽي گارڊز ۽ ڊرائيور ڀرتي ڪيو ويندو آهي.

سينيٽر همايون مهمند چيو ته هٿياربند فوج جا ريٽائرڊ آفيسر ڇا پنهنجي پينشن به کڻي رهيا آهن؟ ائين ٿيندو آهي ته آفيسر پنهنجي پينشن به کڻندا آهن ۽ ٻئي هنڌ پگهار به کڻندا آهن، ائين نه ٿيڻ گهرجي، هو ٻنجاين تان پگهار کڻي رهيا آهن ۽ پينشن به کڻي رهيا آهن جنهن تي شهادت اعواڻ چيو ته اها ڏاڍي اهم تجويز آهي ته پابندي لڳائي وڃي ته ڪو ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ نوڪري نٿو ڪري سگهي.

گهرو وزارت لکت ۾ جواب ۾ ٻڌايو ته نادرا جو ڪل عملو 19 هزار 161 آهي، نادرا ۾ 1109 ملازمن جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي.

5.78 سيڪڙو ملازمن جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي، نادرا ۾ آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل ريٽائرڊ محمد طلحه سعيد کي ضم ڪيو ويو هو، باقي هٿياربند فوج مان ملازم ڪانٽريڪٽ تي نادرا ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا.

نادرا ۾ 49 آفيسرن ۽ 1060 اسٽاف جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي، نادرا ۾ 9 ڊي جي، 20 ڊائريڪٽر، 15 ڊپٽي ڊائريڪٽرز جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي، نادرا ۾ 4 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ 1 اسسٽنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي جڏهن ته  نادرا ۾ 192 آفيشل جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي.

نادرا ۾ 247 ڊرائيورن ۽ 621 سيڪيورٽي گارڊز جو واسطو هٿياربند فوج سان آهي، رڳو 4 سيڪڙو ريٽائرڊ فوجي آفيسر عهدن تي آهن، باقي 96 سيڪڙو هيٺئين درجي جي عملي تي مقرر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.