نوابشاهه: پ پ شهيد ڀٽو جو بجلي لوڊشيڊنگ ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران بجلي لوڊشيڊنگ ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن نجيب چانڊيو، ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف ڪالونين ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ ڪري برسات جو پاڻي گھرن ۽ گھٽين ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

سندن چوڻ هو ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مليريا سوڌو ٻين بيمارين ڪر کنيو آهي، جڏهن ته واپڊا وارن به بجلي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

اڳواڻن ضلعي انتظاميا ۽ اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.