مانجهد جي برسات متاثرن جو پاڻي نيڪالي ۽ مالي سهائتا لاءِ احتجاج

مانجهد جي برسات متاثرن پاران پاڻي جي نيڪالي ۽ مالي سهائتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ موسي پهنور، بالاچ، ميرحسن ۽ جان محمد سوڌو مختلف ڳوٺن جي رهواسين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جابلو نئين ۽ برساتي پاڻي سبب سندن ڳوٺ ٻڏي ويا آهن.

هنن چيو ته تيز وهڪرن ۾گھرن جي سامان ۽ اناج سوڌو چوپايو مال به لڙهي ويو آهي، معصوم ٻچڙن سوڌو کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار بيٺل آهيون پر سرڪاري عملدارن توڙي چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن سار ناهي لڌي.

متاثرن ڊي سي ڄامشورو، اي سي مانجهند سوڌو ٻين سرند وارن کان اپيل ڪئي ته سندن گھر اڏڻ لاءِ مالي سهائتا ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.