جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان ٻن ججز جي خطن بعد اجلاس جي آڊيو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي حوالي سان ٻن ججز جي خطن کانپوءِ اجلاس جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي.

پڌرائي موجب چيف جسٽس جي هدايت تي پي آر او سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن تي موقف جاري ڪيو، پڌرائي بابت جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود اختلاف ڪيو ۽ اخلاف سبب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تڪرار ٿيو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل اجلاس ملتوي ڪرڻ جي راءِ ڏني، غير امڪاني حالتن ۾ جوڊيشل ڪميشن جي چيئرمين رولز ريليڪس ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ اجازت ڏني وئي ته 28 جولاءِ جي اجلاس جي آڊيو رڪارڊنگ ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وڃي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڊيو رڪارڊنگ موجب اٽارني جنرل رولز ٺاهڻ تائين معاملو ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو، اٽارني جنرل ڪنهن هاءِ ڪورٽ جج جي بابت ميرٽ تي راءِ نه ڏني ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج کي جاچڻ يا رد ڪرڻ تي راءِ ڏني، اهڙي ريت جوڊيشل ڪميشن جي پنجن ميمبرن جي چوڻ تي اجلاس ملتوي ڪو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.