ڇا آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ آمريڪين کي فون ڪرڻ آرمي چيف جو ڪم آهي؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنهي پارٽين جي فارن فنڊنگ جا ڪيس گڏ ٻڌا وڃن، سڄي دنيا ۾ اهڙي نموني فارن فنڊنگ ڪئي ويندي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته آرمي چيف طرفان آءِ ايم ايف کان قرض جي فوري ادائيگي واري معاملي تي آمريڪا کي فون ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿيندو پيو وڃي نه ته آرمي چيف جو اهو ڪم ناهي.

عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ملڪ جي موجودا صورتحال ۾ مدد ڪندو ته ڇا هو پنهنجي ڊيمانڊ نه رکندو، خطرو آهي ته ملڪ جي سيڪيورٽي ڪمزور ٿيندي.

عمران خان چيو ته شروع کان افغانستان جو ڪوبه فوجي حل ناهي، جڏهن اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي هئي ته سازش ڪري اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي، مفتاح اسماعيل جا بيان ڏسي وٺو هنن وٽ ڪا پاليسي ئي ناهي.

هن چيو ته بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا صحيح مشاروت ناهي هوندي، پنجاب ۾ حڪومتي اتحاد جي مشينري ويٺي هئي هي سمجهي رهيا هئا ته اسان کٽي وينداسين، سياست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي هڪ پنهنجي ذات لاءِ ٻي نظريي لاءِ، هي اليڪشن کان انڪري لنوائن ٿا ڇاڪاڻ کين خبر آهي ته پاڪستان جو عوام بدلجي چڪو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پاڪستان عوام رجيم چئنج کي رد ڪري ڇڏيو، مسئلن جو حل ملڪ ۾ رڳو چونڊون ناهن پر شفاف چونڊون آهن، پاڪستاني عوام فيصلو ڪري ڪنهن کي حڪومت ڪرڻي آهي.

سندس چوڻ هو ته غيرآئيني شخص وڏو وزير جي ڪُرسي تي ويهي رهيو هو، پنجاب ۾ ڪائي گورننس نه هئي، اليڪشن نه ڪرائڻ جو وڏو ڪارڻ جيڪي اقتدار ۾ ويٺا آهن انهن جو ڊپ آهي، سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو جنهن ڪري معاشي عدم استحڪام پيدا ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته معاشي گروٿ مٿي وڃي رهي هئي ملڪ جو هر شعبو ترقي ڪري رهيو هو، هاڻي جيڪا تباهي ٿي رهي آهي ان کان بچي سگهون پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.