ٽويوٽا پنهنجي گاڏين جا اگهه وڌائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽويوٽا پنهنجي سمورن ماڊلز جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪمپني ڊيلرز کي ٻڌايو ته نوان اگهه 28 جولاءِ کان لاڳو آهن.

ياد رهي ته ٽويوٽا سميت اڪثر ڪمپنين جي گاڏين جي نئين بُڪنگ بند آهي پر جيڪي گراهڪ اڳ ۾ ئي بکنگ ڪرائي چڪا آهن اهي نون اگهن جي حساب سان فرق ادا ڪرڻ جا پابند هوندا.

 ان کان اڳ ڪمپني طرفان گراهڪن جي بڪنگ ختم ڪرڻ تي وياج سميت سموري رقم ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.

ٽويوٽا ڪمپني طرفان گاڏين جي اگهن ۾ ڪيل تبديلين موجب ڪرولا ايڪس 1.6 ايم ٽي جي اگهه ۾ 9 لک 90 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح ڪرولا ايڪس 1.6 اي ٽي جي قيمت 10 لک 40 هزار رپيا وڌي 51 لک 39 هزار رپيا، ڪرولا ايڪس 1.6 اي ٽي ايس اي جي قيمت 11 لک 30 هزار رپيا وڌي 56 لک 39 هزار رپيا ۽ ڪرولا اي 1.8 سي وي ٽي 11 لک 80 هزار رپيا وڌي 56 لک 79 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

Altus Grand X 1.8 CVT جي قيمت ۾ 12 لک 90 هزار رپيا واڌ ڪري 61 لک 49 هزار رپيا ۽ Altus Grand X 1.8 CVT جي قيمت ۾ 12 لک 90 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 61 لک 49 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

ڪمپني ٽويوٽا يارِس جي قيمت 7 لک 60 هزار کان وڌائي 9 لک 10 هزار ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان يارِس 1.3 ايم ٽي جي قيمت 37 لک 99 هزار ۽ يارِس 1.5 سي وي جي قيمت 45 لک 69 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

ٽويوٽا فارچونر، ريو ۽ هيلڪس جي مختلف ماڊلز جي قيمت به 25 لک 30 هزار رپين کان وڌي 31 لک 60 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، فورچونر ليجنڊر ڊيزل جي قيمت هڪ ڪروڙ 58 لک 39 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.