دعا زهرا جي ساهرن جا بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ناري دعا زهرا سان پسند جي شادي ڪندڙ ظهر جي ڀاءَ شبير جي بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ظهير جي فيملي جا بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اعليٰ عدالت پنهنجو اڳوڻو حڪم نامو واپس وٺي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته شبير ۽ ظهير جي والده جا بينڪ اڪائونٽس بحال ڪيا وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ ۽ سي آءِ اي کي عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

ٻڌڻي دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي لاءِ آفيسرن پاران اڪائونٽس بحال ڪرڻ جي حمايت ڪئي وئي.

درخواستگذار شبير جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جنهن درخواست تي فيصلو ٿيو اها درخواست اڪلائجي چڪي آهي، 8 جون تي درخواست اڪلائي وئي.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل به ٻڌايو ته مقصد پورو ٿي چڪو، اڪائونٽس بحال ڪرڻ ۾ هرج ناهي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڪيس وڏو سادو هيو، دعا زهرا بازياب ٿي چڪي آهي، بينڪ اڪائونٽس جي جاچ سان ڪو واسطو ناهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ ظهير ۽ سندس گھر ڀاتين جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.