پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي تعليم واري اڳوڻي وزير افتخار مهمند تحريڪ انصاف تان استعيفيٰ ڏئي جمعيت علماءَ اسلام ( ف ) ۾ شامل ٿي ويو آهي.
افتخار مهمند مولانا فضل الرحمان سان پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
افتخار مهمند 2018ع ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو هو، ان کان اڳ هو پ پ ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ جي مختلف ڌڙن ۾ رهي چڪو آهي.