لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سرڪاري نوڪرين جي خواهشمند ماڻهن لاءِ بُري خبر اچي وئي آهي.
پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سڄي صوبي ۾ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
نين ڀرتين تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ نين ڀرتين تي پابندي هوندي، جڏهن ته پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڀرتين جو عمل جاري رهندو.