ٻي ٽيسٽ ميچ شفٽ ٿيڻ سبب وڌيڪ ڏکيائي ٿي: بابر اعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سريلنڪا جو دورو سٺو رهيو، ٻي ٽيسٽ ميچ شفٽ ٿيڻ سبب وڌيڪ ڏکي هئي، جڏهن ته عبدالله شفيق، آغا سلمان، فاسٽ بالرز ۽ اسپنرز شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري هئي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته سريلنڪا جي دوري دوران ڪيتريون ئي مثبت شيون سامهون آيون، دوري لاءِ تمام سٺي تياري ڪئي هئي.

بابر اعظم چيو ته پريڪٽس ميچ تمام فائديمند رهي، سريلنڪا جي حالتن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي، خبر پئي ته گال ۾ وڌيڪ بال بريڪ آهي، ان مطابق تياريون ڪيون.

ڪپتان چيو ته ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾ پوري ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، هڪ ٽيم جي حيثيت سان انداز ۾ تبديلي آئي آهي، سڀني کي چيو ويو آهي ته هو مثبت سوچ ۽ بهترين کيڏن، اسان جي هٿن ۾ رڳو ڪوشش آهي، پوري ٽيم ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته هر ميچ يا سيريز کانپوءِ غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ دٻاءُ تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.

هن چيو ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سٺي پارٽنرشپ نه ٿي سگهي، وڏي پارٽنرشپ سان مخالف ٽيم تي دٻاءُ وڌندو آهي، سريلنڪا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سٺي بالنگ ڪئي، اها بيڪ ٽو بيڪ ڪرڪيٽ آهي.

بابر اعظم اهو به چيو ته ٽيسٽ کان ون ڊي ڪرڪيٽ ڏانهن وڃڻ وقت ذهنيت کي تبديل ڪرڻو پوندو، هالينڊ سيريز لاءِ چار يا پنج ڏينهن کانپوءِ ڪيمپ شروع ٿي رهي آهي، ڪوشش آهي ته ٽريننگ ڪيمپ ۾ پريڪٽس ميچز کيڏيون وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته يو اي اي ۾ اسان تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سٺي پرفارمنس ڏني، ڪوشش ڪندس ته ايشيا ڪپ ۾ به سٺي پرفارمنس ڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.