سنجي دت جو هي ٻيو جنم آهي، پهرين جنم ۾ بادشاهه هيس: اداڪار جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار اداڪار سنجي دت پنهنجي گذريل جنم ۾ بادشاهه هو ۽ سندس زال کيس مارڻ جي سازش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اهو انڪشاف سنجي دت ”ڪافي ود ڪرن“ جي پهرين سيزن دوران ڪيو، جنهن ۾ سشميتا سين به مهمان طور شرڪت ڪئي هئي.

سنجي دت اڄ پنهنجي 63هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، هن تازو ئي ڪينسر جو علاج ڪرايو هو ۽ هن وقت پنهنجي فلم شمشيرا جي پروموشن ۾ رڌل آهي.

انٽرويو دوران هن چيو ته هڪ پنڊت منهنجي زندگي ۽ پوئين جنم جا راز ٻڌائي مون کي حيران ڪري ڇڏيو.

سنجي دت جو چوڻ هو ته پنڊت مون کي ٻڌايو ته گذريل جنم ۾ مان بادشاهه هئس، منهنجي زال جو هڪ وزير سان لاڳاپو هو ۽ هن منهنجي موت جي سازش ڪئي.

هن چيو ته منهنجي زندگي بلڪل سادي ناهي، منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو گنگاوتي، ڪرناٽڪا ۾ رهندو آهي، جنهن مون کي چنائي جي ڀرسان شيو نيري مندر بابت ٻڌايو.

هتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جتي جنم ڪنڊلي ڪڍي ويندي آهي.

سنجي دت چيو ته جنم ڪنڊلي پڙهڻ تي پنڊت ٻڌايو ته تنهنجي پيءُ جو نالو بلراج دت آهي، جنهن تي مون نه چيو ۽ چيو ته هو سنيل دت آهي. مون پنڊت جي دعويٰ کي رد ڪيو، پر هن پنهنجي ڳالهه جي سچائي تي اصرار ڪيو. اداڪار اهو پڻ چيو ته پنڊت مون سان منهنجي گذريل زندگي بابت ڳالهايو ۽ مون کي ٻڌايو ته هو اشوڪ خاندان جو بادشاهه هو ۽ منهنجي زال جو هڪ وزير سان لاڳاپو هو.

هن چيو ته زال منهنجي موت جي سازش ڪئي ۽ مون کي جنگ لاءِ موڪليو پر مان ڪيترن ئي ماڻهن کي مارڻ بعد جيئرو موٽي آيو آهيان.

سنجي دت چيو ته پنڊت مون کي ٻڌايو ته جڏهن مون کي سازش جي خبر پئي ته مون زال ۽ وزير کي قتل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.