ادارن ن ليگ جي حڪومت کي ڪڏهن دل سان قبول نه ڪيو: جاويد لطيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته ادارن ن ليگ جي حڪومت کي ڪڏهن دل سان قبول ناهي ڪيو ۽ رنڊڪون جاري آهن.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف جو چوڻ هو ته اسان کي ادارن جي ڳالهه نه ٻڌڻ گھرجي ها ۽ فوري طور تي اليڪشن ڏانهن وڃڻ گهربو هو.

هن وڌيڪ چيو ته پهريون ته اهو ڏسڻ گھرجي ته اسان حڪومت ۾ آياسين ڇو ۽ جن مقصدن لاءِ آياسين اهي پورا ٿيا يا نه، هي به سموري دنيا ڄاڻي ٿي جيڪڏهن هي سال وڌيڪ حڪومت ڪري وڃن ٿا ته هي سمورو ملبو ۽ گند انهن جو اسان جي ڪلهن تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪنهن حد تائين پئجي به ويو آهي.

جاويد لطيف جو چوڻ هو ته 17 جولاءِ جو فيصلو هي ٻڌائي رهيو آهي، ڪارڻ هي هيو ته جڏهن اسان کي هي ٻڌايو پئي ويو ۽ جيڪو اسان ڏسي به رهيا هئاسين ته پاڪستان جون معاشي حالتون انهن ڪهڙي قدر خراب ڪيون آهن، توهان جو سوال اهو اٿندو ته اسان ڪهڙو 3مهينن ۾ ڪنٽرول ڪري ورتو، نه اسان ڪنٽرو ڪري سگھياسين ۽ نه درست رخ ۾ وٺي وڃي سگھياسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.