ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث تنظيمن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت 2019 کان 2021ع دوران دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث تنظيمن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

گهرو وزارت طرفان سينيٽ ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ 2019ع کان 2021ع دوران اهلسنت و الجماعت، القاعده، بلوچستان لبريشن آرمي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، انکانسواءِ بي ايل ايف، بي آر اي ايس، بلوچستان ريبپلڪن آرمي پڻ دهشتگرد سرگرمين ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

گهرو وزارت جي رپورٽ موجب حزب الاحرار، حزب التحرير، جيش اسلام، جماعت الاحرار، جئي سنڌ قومي محاذ، جند الله، لشڪر جهنگوي، لشڪر اسلامي، سنڌو ديش انقلابي آرمي کي به دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث قرار ڏنو ويو.

جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ته سپاهه صحابه، سپاهه محمد، تحريڪ جعفريه پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان کانسواءِ يونائيٽڊ بلوچ آرمي ۽ زينبيون بريگيڊ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.