رنبير ۽ شرڌا ڪپور جي فلم سيٽ تي باهه لڳي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) رنبير ڪپور ۽ شرڌا ڪپور جي فلم جي سيٽ تي باهه لڳي وئي.

واقعو ممبئي ۾ انڌيري ويسٽ جي چترڪوٽ اسٽوڊيو ۾ لنڪ روڊ جي ويجهو پيش آيو جتي فلم جي هڪ گاني جي شوٽنگ لاءِ سيٽ ٺاهيو ويو هو.

رپورٽن مطابق، سيٽ تي ڪا به شوٽنگ نه ٿي رهي هئي ۽ رنبير ۽ شرڌا پاران ايندڙ هفتي سيٽ تي شوٽنگ شروع ڪرڻ جو امڪان هو.

ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ جا ڪي اطلاع سامهون نه آيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

اطلاعن موجب باهه 1000 اسڪوائر فوٽ جي علائقي ۾ لڳي هئي. فائر برگيڊ جون 10 گاڏيون ۽ ٻه واٽر ٽينڪ واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ باهه تي ضابطو آڻي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.