پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي

واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي  ۽ بائيڊن انتظاميا پي آءِ اي جي آمريڪا لاءِ اُڏامون بحال ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمزيونٽ جي سربراهه سلمان صوفي جي آمريڪي عهديدارن سان ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، واپار کي هٿي وٺرائڻ، افغان صورتحال ۽ پي آءِ اي جي اُڏمن جي بحالي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هڪ انٽرويو ۾ سلمان صوفي ٻڌايو ته بائيڊن انتطاميا پي آءِ اي جي آمريڪا لاءِ اُڏامون بحال ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ان مقصد لاءِ ايف اي اي کي انسپيڪشن جي دعوت پڻ ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.