عمران خان ڪوڙو بيانيو پيش ڪري قوم ورهائي ۽ نوجوانن کي ورغلائي رهيو آهي: گهرو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فتنو ۽ سازشي قرار ڏيندي قوم کان فتني جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي جن ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ پاڻ پيش ٿيا، جيڪڏهن ٻيا ميمبر به پيش ٿيندا ته سندن استعيفائون به منظور ڪيون وينديون.

تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي خالي ڪيل سيٽن تي ننڍي چونڊ بابت سوال تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بنيادي طور تي اهي سيٽون پي ٽي آءِ جون آهن پر جيڪڏهن ننڍي چونڊ ٿي ته اسان پي ٽي آءِ طرفان استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن جي سيٽن تي چونڊ وڙهنداسين.

ملڪ ۾ عام چونڊن بابت سوال تي گهرو وزير چيو ته جيستائين سمورا اسٽيڪ هولڊرز اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت گڏ ويهي ڪري ڳالهيون نه ڪندا ۽ سموريون صوبائي اسيمبليون ۽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ ئي وقت ۾ اليڪشن نه ٿئي، اليڪشن رولز ۽ تڪبندين جا مسئلا حل نه ٿين ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ چونڊن جي تڪراري ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ آهي جيڪو ملڪ ۽ قوم  لاءِ سٺو ثابت نه ٿيندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين بابت ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان ڪوڙو بيانيو قوم آڏو پيش ڪيو، عمران خان جي ڪوشش آهي ته قوم کي ورهائي ۽ نوجوانن کي ورغلائي، جيڪڏهن قوم سندس پت وائکي نه ڪئي ته هي قوم کي وڏي حادثي جي ور چاڙهي ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.