برطانوي اخبار جي رپورٽ تي فواد چوڌري جو ردعمل، وڏو مطالبو ڪري ڇڏيائين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڪير فنڊ ڏئي رهيو آهي، اهو راز سامهون ڇو نه پيو اچي؟

اڳوڻي وفاقي وزير مطالبو ڪندي چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ٽنهي پارٽين جي فنڊنگ وارو فيصلو گڏ اچڻ گهرجي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ 40 هزار کان وڌيڪ ڊونرز جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏنا، سمنڊ پار پاڪستاني تحريڪ انصاف کي فنڊنگ ڪندا آهن، فنڊنگ جي قانون جو مقصد اهو آهي ته ووٽرز کي خبر هئڻ گهرجي ته سياسي پارٽي جي فنڊنگ ڪير رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.