عمران خان جي پارٽي آمريڪي ڪمپنين کان پئسا ورتا، اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائي:

ن ليگ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اليڪشن ڪميشن اختيارين سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائڻ جي مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنهن به پرڏيهي شخص يا ڪمپني کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ غيرقانوني آهي، اسان جي ملڪ جو قانون ڪنهن سياسي پارٽي کي ڪنهن فارن گروپ کان پئسا وٺڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

هن چيو ته فارن فنڊنگ جي هڪ وڏي رقم ملڪ ۾ ناهي آئي، اڃا به ملڪ کان ٻاهر اڪائونٽن ۾ موجود  آهي، اسان اڄ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته جيئن عوام کي خبر پوي ته عمران خان ڪنهن کان پئسا وٺندو رهيو، ڪالهه فنانشل ٽائمز جهڙي اداري چيو ته عارف نقوي لنڊن ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڪرائي، عارف نقوي چيو ته ميچ مان حاصل ڪيل ڪروڙين رُپيا چيريٽي تي خرچ ٿيندا پر سندس ڪمپني 55 ڪروڙ رپين جي رقم پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن ۾ ٽرانسفر ڪئي.

شاهد خاقان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي جماعت آمريڪي ڪمپنين کان پئسا ورتا ۽ پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن ڪي به ثبوت نه ڏنا ويا، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جي ڪمپنين کان پئسا وٺي غيرجانبدار فيصلا نٿا ٿي سگهن.

هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جا هٿ صاف آهن ته پهرين ڏينهن ئي حساب ڏئي ها، اڄ به عمران خان  اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري رهيوآهي، پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اڪبر ايس بابر جوڳا ثبوت پيش ڪيا پر پي ٽي آءِ 8 سالن کان هن ڪيس کان ڀڄي رهيو آهي، پي ٽي آءِ 8 ورهين ۾ هر قسم جو دٻاءُ وجهي فيصلو نه اچڻ ڏنو، عمران خان سڀ حربا استعمال ڪري اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي، اسان اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ڪئي، ان دوران  پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

شاهد خاقان چيو ته قانون موجب سياسي پارٽيون پرڏيهه مان فنڊنگ نٿيون وٺي سگهن، آمريڪا سميت مختلف ملڪن کان ملندڙ پئسن جو وڏو حصو پاڪستان پهتو ئي ناهي ويو، جن اڪائونٽن جو رڪارڊ مليو آهي اهو اسٽيٽ بئنڪ کان مليو آهي، پارٽي صدر اڪائونٽ هلائيندا آهن ۽ پي ٽي آءِ کي خبر ناهي، فارن ايجنٽ طور آمريڪا ۾ ٻه ڪمپينون موجود آهن، ٻنهي ڪمپنين جي چيئرمين جو نالو عمران خان آهي، هي ڪمپنيون آمريڪا ۾ فارن ايجنٽ طور رجسٽرڊ آهن، فارن ڪمپنين ڪنهن کان ۽ ڪيترا پئسا حاصل ڪيا هي ڏسي سگهن ٿا.

هن چيو ته 8 سال ٿي ويا آهن اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ تي فيصلو ناهي ڏئي سگهي، عمران خان جو اٺن ورهين وارو عمل واضح دليل آهي ته ٻين کان پئسا وٺي سياست ۾ استعمال ڪيا، هاڻ  اها اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي ته رپورٽ کي عام ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.