ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ  آرمي چيف سرگرم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا کي پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ذريعن موجب آرمي چيف آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي گفتگو ڪئي، جنهن ۾ هن ته وائٽ هائوس ۽ ناڻي وارو کاتو آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهي ته جيئن عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي اٽڪل هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري.

پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس کان اپيل ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف جي 1.2 ارب ڊالر جي قرض وارو عمل تيز ڪيو وڃي.

واضح رهي ته آءِ ايم ايف 13 جولاءِ تي پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني هئي، پر پئسا اڃا تائين جاري ناهن ٿي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.