” پنجاب ۾ عمران وفاق۾ اوهان“ اسٽيبلشمينٽ جو پيغا۾

لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان ڄمي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ڪري  ورتو آهي ۽  اسٽيبلشمينٽ جو اقتدار ۾ حصيداري طور پنجاب حڪومت عمران خان کي ڏيڻ ۽پرويز الاهي  کي وڏو وزير قبولڻ  وارو فارمولو مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. نامياري صحافي معظم فخر انتهائي ويساهه جوڳن ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ  اهو فارمولو دبئي ۾ ئي آصف علي زرداري کي اماڻيو هو. جنهن  تي آصف  علي زرداري ۽  نواز شريف فون تي غور ڪيو هو،  فارمولو هو ته مرڪز ۾ اوهان جي حڪومت هجي ڪي پي ۽ پنجاب ۾ عمران خان جي حڪومت هجي ته عمران خان خاموش رهندو، جواب ۾نواز شريف اها آڇ رد ڪندي چيو ته ڏکيا فيصلا  اسان ڪيون، انهن جي سياسي قيمت به اسان ادا ڪيون ۽ لاڏلو عمران مفت ۾ ويهي ٻن صوبن جي حڪومت هلائي اهڙا فارمولا بلڪل قبول نه آهن.  ان موقف سان آصف علي زرداري به مڪمل اتفاق ڪيو ۽ اسٽيبلشمينٽ  ۽ لاڏلي  جو ڄمي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن کانپوءِ اڳوڻو  صدر اصف علي زرداري وطن  پهچي ويو. ڇو ته پاڪستان جي  سياست جو هن وقت محور آصف علي زرداري آهي اميد هئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هو ڪا حيران ڪندڙ خبر  ڏيندو. پر اوچتو سندس طبيعت  خراب ٿي پئي آهي ۽ ڪورنا ٽيسٽ جي رپورٽ به هاڪاري آئي آهي، ان ڪري سندس صحتيابي جو انتظار آهي، پرويز الاهي کي قبول نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

  • بلاڪ نمبر کلي ويا، اهم اسٽيبلشمينٽ شخصيت ۽ عمران ۾ ملاقات

لاهور (عوامي آواز نيوز) آخرڪار بلاڪ ٿيل نمبر کلي ويا، عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت سان ڳجهي ملاقات ٿي وئي، جنهن کانپوءِ عمران خان  جو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن جارحاڻو رويو بلڪل نرم ٿي ويو آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جي وڏي وزير ٿيڻ شرط پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تان اوچتو اسٽيبلشمينٽ ۽ سربراهه خلاف ٽرينڊ بند ٿي ويا، عمران خان جي گفتگو مان به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ختم ٿي ويو. جنهن تي مون سميت گهڻا صحافي حيران هئا ته آخرڪار ٿيو ڇا، اهڙي ڪهڙي تبديلي آئي جو پي ٽي آءِ قيادت ۽ عمران خان جو رويو تبديل ٿي ويو، ان سوچ  ۾ ئي هئاسين ته نامياري صحافي اعزاز سيد خبر بريڪ ڪئي ته پرويز خٽڪ وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪري عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم شخصيت سان ملاقات ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اسٽيبلشمينٽ بلاڪ ڪيل نمبر کولي ڇڏيا آهن، ان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن، ان بابت اڃان تائين ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.