سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌارين کي نيڪالي لاءِ وڪيلن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ آڏو سنڌو انڊس لايرز فورم طَرفان سنڌ اَندر اَفغانين، بَرمين، بَنگالين سُميت ٻين صُوبن جي ماڻھن کي ووٽ ۽ سنڌ اَندر ملڪيت خَريد ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ آڏو ايڊوڪيٽ  سنڌو انڊس لائيرس فورم اڳواڻ ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، ايڊووڪيٽ عبداللطيف ميربحر، ايڊووڪيٽ عرفان ڪيريو، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ۽ ٻين طرفان   احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ چارٽر آف ڊمانڊ پڻ پيش ڪيو ويو. چيو ويو ته سنڌو انڊس لايرز فورم مُختلف وَقتن تي ٻين صُوبن جي ماڻھن کي ملڪيت خَريدڻ ۽ ووٽ جو حق نہ ڏيڻ لاءِ مُختلف شھرن ۾ سيمينار پڻ مُنعقد ڪَرائيندا رَھيا آھن، ملير بار ايسوسيئيشن پڻ سنڌ اندر غير قانونـي طور رھندڙ اَفغانين، بَرمين، بَنگالين ۽ ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ بار ۾ ريزوليشن پاس ڪرائي آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.