سکر بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو

سکر(رپورٽ: آزاد مهر) سکر بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿيڻ بعد ھيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال ظاھر ڪئي وئي آھي. خبر  موجب ملڪ ۾ ھلندڙ برساتي سلسلي سبب سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آھي. آبپاشي کاتي سکر بئراج جي انتظاميه پاران سکر بئراج تي ھيٺين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو  3 لک 12528 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 91812 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 69 ھزار 245 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 48 ھزار 85 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي. ساڳي ئي طرح سنڌو درياء تي اڏيل  آخري ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 98 ھزار 285 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 79 ھزار 180ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.