سنڌ سرڪار پاران برسات متاثرن جي سهائتا بدران سروي جو آسرو

ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سماجي ڀلائي کاتي جي وزير ساجد جوکيو کي ميمبرن منجهائي ڇڏيو،  کاتي بابت پڇيل سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو، پي ٽي آءِ ميمبرن  ڊپٽي اسپيڪر آڏو احتجاج وزيررڪارڊ ڪرائيندي چيو ته وزير کي کاتي بابت معلومات ئي ناهي، ايوان جو وقت ضايع ڪيو ويو آهي. وقتي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ميمبرن جيڪي به سوال ڪيا انهن مان اڌ کان وڌيڪ جواب ڏيندي صوبائي وزير ساجدجوکيو چيو ته اهي سوال سندس کاتي جا نه پر اهي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جا آهن، ان تي اديبه حسن، عارف مصطفيٰ جتوئي، رابعه اظفر ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن ميمبرن جا سوال سماجي ڀلائي کاتي بابت نه هئا ته اهي ايجنڊا ۾ ڇو شامل ڪيا ويا، وزير کي تياري ڪري اچڻ گهرجي ها. صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر نوان آهن آهستي آهستي سکي ويندا، ان جواب تي پي ٽي آءِ جي رابعه اظفر چيو ته اسان نوان آهيون، وزير 15 سالن کان ايوان ۾ اچي پيو، کاتي بابت ڪجهه سکي، عارف مصطفي جي سوال جي جواب ۾ ساجد جوکيو انڪشاف ڪيو ته سنڌ اندر بزرگ شهرين لاءِ ڪو به ادارو موجود نه آهي، ڪراچي ۾ هڪ ادارو ٺاهڻ جي اسڪيم رکي وئي هئي جيڪا 2012 کان وٺي هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي.صوبائي وزير چيو ته عورتن، بزرگن، ٻارن، کدڙن لاءِ الڳ الڳ ريسورس سينٽر آهن، جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.  سنڌ سرڪار  صوبي ۾ برسات متاثرن کي سروي ڪري ٿيل نقصانن جي ازالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ اندر برساتن دوران فصل کي جيڪو به نقصان پهتو آهي ان جي سروي ڪرائي معاوضو ڏنو ويندو، اهڙو اعلان جي ڊي اي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني معاملن واري وزير صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪيو، عارف مصطفيٰ چيو ته رڳو ڪراچي ۾ نه پر برسات پوري سنڌ ۾ تباهي ڪئي آهي، فصل ٻڏي ويا آهن ۽ عوام جا گهر ڪريا آهن پر وزير رڳو ڪراچي ۾ فوٽو سيشن پيا ڪرائي، اصل تصويرون هي آهن جيڪي آئون کڻي آيو آهيان، هن مختلف شهرن ۾ بيٺل پاڻي بابت تصويرون ڏيکاريندي چيو ته سنڌ سرڪار هن طرف ڌيان ڏئي ۽ ازالو به ڪري. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏيندي چيو ته برسات تمام گهڻي پئي آهي. ڍل معاف ڪرائڻ لاءِ وفاق کي به لکنداسين. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ منشيات جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي ميمبر اٽڪي پيا، پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان سوال ڪيو ته ڇا سنڌ سرڪار منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪو ادارو ٺاهيو آهي يا نه؟ ان تي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سينٽرن بابت جواب ڏيڻ کان اڳ ٻڌايان ته  سنڌ ۾ منشيات ڪٿان اچي ٿي، هن چيو ته منشيات افغانستان کان بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ذريعي پنجاب ۽ پوءِ سنڌ اچي ٿي پر وچ ۾ سرڪاري گاڏين تي اسلام آباد ۾ به يوٽرن ڪري وڃي ٿي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت کي گهرجي ته اها پنهنجي بارڊرن تي توجه ڏئي. اجلاس ۾   ڪورونا  جو شڪار ٿيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  ۽ بيمار متحده اڳواڻ ڪنور نويد جميل جي صحتيابي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن جي متاثرن لاءِ دعا گهرائي وئي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.