جماعت اسلامي پاران سانگهڙ جي برسات متاثرن جي امداد

ڪراچي/شهدادپور (رپورٽر+ن ع آ)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سانوڻي جي تازين برساتن  سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ماڻهن جون قيمتي ملڪيتون، ڪپهه، مرچ، کجور سميت ڀاڄين جي فصلن کي نقصان پهتو آهي، سنڌ صوبي کي آفت زده قرار ڏئي متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ مڪاني ادارن جي غفلت سبب عوام قيمتي ملڪيتن کان محروم، گندي پاڻي، مڇرن ۽ وبائي مرضن جو شڪار ٿي  ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل آهن، مهانگائي، ڊالر جي اونچي اُڏام حڪومت جي مفادپرست معاشي پاليسين جو نتيجو آهي، عوام مهانگائي ۽ برساتن کان پريشان جڏهن ته حڪمران ٽولو آمريڪا جي غلامي ۽ اقتدار جي ڇڪتاڻ واري راند ۾ مصروف آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سانگهڙ، سنجهورو، گڏڙو، ٽنڊوآدم جي دوري کان پوءِ شهدادپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير رفيق منصوري، عبدالغفور انصاري، صدر پريس ڪلب الياس خلجي، ارشاد ظفر بخاري، ارشد خاصخيلي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال هئڻ باوجود برساتن جي ڪري سانگهڙ ضلعي جي حالت بدتر ٿيل آهي، ان کان اڳ صوبائي امير سيلاب کان متاثر يوسي گجري ۾ متاثرين جي خيمه وسندي جو دورو، امدادي سامان جي تقسيم ۽ حال احوال پڻ ورتو. هن الخدمت  جي رضاڪارن ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته هوءَ برسات کان متاثر پنهنجي ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.