ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ پوليس جي 76 انسپيڪٽرن کي گريڊ 17 ڊي ايس پي جي رينڪ تي ترقي ڏيڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. آٰءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ان حوالي سان منعقد هڪ سادي پر پروقار تقريب دوران ڊي ايس پي جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته بهترين ۽ اثرائتي پوليسنگ لاءِ ڏوهن خلاف جديد ۽ ماڊرن تيڪنڪس وسيلي ڪاميابين کي يقيني بڻائين جنهن سان نه فقط پوليس کاتي جي نيڪ نامي پر پوليس تي عوام جي اعتماد کي به وڌيڪ هٿي ملندي.