جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ چيف جسٽس جي نامزد 5 ججن جا نالا رد

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ چيف جسٽس جي نامزد 5 ججن جا نالا اڪثريتي راءِ سان رد ڪيا ويا. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججن تي جڊيشل ڪميشن ميمبرن ۾ اختلاف سامهون آيو، جنهن کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي نامزد ججن خلاف 5 ووٽ آيا، 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ڪجهه چوڻ بنا ختم ڪيو ويو. ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود، اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزارت مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، سنڌ جي ٻن ججن بابت جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني به مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جسٽس اعجاز الاحسن به نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو.ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال جثماني 2 نامزدگين جي مخالفت، 3 جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 جي ڀيٽ ۾ 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ختم ڪيو ويو.  03

  • چيف جسٽس اوچتو ڪميشن اجلاس مان اٿي هليو ويو: جسٽس فائز

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو، خط  ۾ هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلي کي فوري طور تي ميڊيا ۾ جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته ججن جي مقرري لاءِ چيف جسٽس پاران پيش ڪيل نالن تي تفصيلي غور ٿيو، مون سميت 5 ميمبرن سنڌ جي 3 ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جونيئر جج جا نالا رد ڪيا، هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پنجن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز ۾ جونيئر آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نالو انهن چيف جسٽسز کانپوءِ پيش ڪيو وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ وڌيڪ لکيو ته اجلاس ۾ طئي ٿيو ته آئين ڪنهن آسامي تي اڳواٽ مقرري جي اجازت نٿو ڏئي، چيف جسٽس چيئرمين طور ڪميشن تي پنهنجا فيصلا نٿو مڙهي سگهي، چيف جسٽس آف پاڪستان اوچتو جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ڇڏي هليو ويو، جسٽس اعجاز الاحسن به اجلاس مان اٿي هليو ويو، هن چيو ته جڊيشل ڪميشن سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چار ججن جا نالا رد ۽ هڪ نالي تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.