اسحاق ڊار ڏيهه واپسيءَ ملتوي ڪري ڇڏي

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڏيهه واپسيءَ ملتوي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب اسحاق ڊار جولاءِ جي آخري هفتي ۾ ڏيهه واپسي جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ هن اهو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني صلاحڪارن اسحاق ڊار کي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن جو فيصلو اچڻ تائين لنڊن ۾ رهڻ جي صلاح ڏني آهي. اسحاق ڊار طرفان اشتهاري قرار ڏيڻ واري فيصلي جي پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ان کان اڳ ن ليگ اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان وڃڻ جي حوالي سان پروگرام رد ناهي ٿيو ۽ پاڪستان روانگي جو شيڊيول جولاءِ جي آخر ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.