ڊالر جي مٿاهين اڏام، 244 رپين تائين پهتو، سون به ڏهه هزارن تائين مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي، آمريڪي ڊالر 3 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 239 رپيا 94 پئسا ٿي ويو، اڄ اٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپيا 92 پئسا واڌ ٿي. رڳو جولاءِ مهيني ۾ ڊالر جو قدر انٽر بئنڪ ۾ 35 رپيا 9 پئسا وڌي چڪو آهي. ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾   ڊالر 3 رپيا واڌ سان 244 رپين جو ٿي ويو آهي. سون جي اگهه ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي، ڪالهه سون جي قيمت ۾ 10 هزار 500 رپين جو رڪارڊ واڌارو ٿيو آهي. اهڙي نموني سڄي ملڪ ۾ في تولو سون هڪ لک 62 هزار 500 رپين تائين وڃي پهتو آهي هڪ ڏينهن ۾ ايتري واڌ رڪارڊ آهي.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.