نواز شريف جي جلد چونڊن لاءِ تجويز، عدليه جي تازن فيصلن سان بحران ٿيو

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جلد چونڊن جي نواز شريف جي تجويز به رد ڪري ڇڏي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس تي پراسرار خاموشي جي چادر ويڙهي ويٺي آهي. اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، آفتاب شيرپائو، پروفيسر ساجد مير، شاهه اويس نوراني به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ محمود خان اچڪزئي وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، جڏهن ته ن ليگ قائد نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته لاڏلي جو چئن سالن جو گند اسان تي وڌو ويو، مان پهرئين ڏينهن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف هيس. اجلاس ۾ فيصلوڪيو ويو ته اتحادي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان جو گند هڪ سال ۾ صاف ڪرڻو ڏکيو آهي، عمران خان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جو اجلاس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، سياسي جماعتن جي راءِ وٺي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ساک بچائڻ اسان لاءِ چئلينج آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجا اڪائونٽ لڪايا. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته رڳو ملڪ بچائڻ لاءِ حڪومت ۾ اچڻ قبول ڪيو، لاڏلي جو چئن سالن جو گند اسان تي وڌو ويو، مان پهرئين ڏينهن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف هيس. ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته نواز شريف پارٽي قيادت سان مرڪز ۾ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي پارٽي قيادت سان وقت کان اڳ چونڊن جي آپشن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پي ڊي ايم اڳواڻن ۽ شهباز شريف سان ڪيترائي ڀيرا وقت کان اڳ چونڊن ۽ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي پر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت ڇڏڻ جي مخالفت ڪئي آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز مفاهمت واري پاليسي ترڪ ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جون استعيفائون جلد منظور ڪرڻ جي تجويز ڏني. ذييعن موجب پي ڊي ايم ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو، پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن کان پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به جلد ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان عدليا جي فيصلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي تجويز به ڏني، هن چيو ته هاڻ اسان کي واضح رستي تي هلڻو آهي، راند جي سڀني ڪردارن بابت به ڄاڻڻو پوندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ ۽ اي اين پي کي باقاعدي طور پي ڊي ايم ۾  واپسي جي دعوت ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلي  سان انصاف جو قتل ٿيو. فل ڪورٽ ان ڪري نه جوڙي وئي جو لاڏلي جي حق ۾ فيصلو اچڻو هو. فارين فنڊنگ فيصلو نه آيو ته اليڪشن ڪميشن سامهون ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن پي ڊي ايم اجلاس ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو جنهن ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل سموريون پارٽيون شريڪ ٿينديون. اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهي ويندي. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ڪجهه ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا ته وفاقي حڪومت فل ڪورٽ ذريعي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ موڪليو ويندو. ٺهراءَ منظور ڪيو ويو ته پاڪستان جي 73 واري آئين موجب قانون سازن، عدليه ۽ ايگزيڪٽو کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ڪو به ادارو ڪنهن ٻئي اداري ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. اجلاس ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته عدليه جي تازن فيصلن سان ڏڦيڙ، شڪ ۽ سياسي بحران پيدا ٿيو آهي، ملڪي نمائنده پارٽين ان معاملي تي پنهنجي بيچيني جو اظهار ڪيو آهي، قانوني ماهرن، ميديا ۽ سول سوسائٽي به ان فيصلي سان اتفاق ناهي ڪيو، ڌار ڌار معيارن ۽ تشريحن خدشن کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ کي جلد کان جلد موڪليو وڃي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن آئين موجب پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري. پي ڊي ايم اڳواڻ اتفاق ڪيو ته اسرائيلي ۽ ڀارتي شهرين ذريعي پي ٽي آءِ کي فنڊز مليا، جنهن جا ثبوت فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ثابت آهن، ان ڪيس کان اکيون ٻوٽڻ قومي سلامتي خلاف آهي. اڳواڻن موجب سياسي پارٽين جي تنظيم ۽ مالياتي معاملن بابت هن اهم ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.