رياستي ادارا مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ ڪم ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوري نظام کي اثرائتي طريقي  سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورا رياستي ادارا آئين جي مقرر ڪيل دائري ۾ رهي ڪم ڪن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير بابت ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي تقرير ۾ اهو خيال هو ته جمهوري نظام کي اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. سندس موجب ان لاءِ ضروري آهي ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ان شئي کي سمجهڻ بنا اسان رڳو هڪ دائري ۾ گهمندا رهنداسين ۽ ڪٿي نه پهچي سگهنداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.