اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ جو فيصلو ڏئي، اڄ پنجاب ۾ اپ سيٽ ٿيندو

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ته عمران چوي ٿو اليڪشن ڪمشنر هٽايو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خلاف فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائي. اتحادين جو مطالبو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان کي فنڊ ڏيندڙ 300 کان مٿي ماڻهن ۽ ڪمپنين جو تعلق ڀارت ۽ اسرائيل سان آهي. هن چيو ته عمران خان  چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته پهريان پنهنجون اسيمبليون ٽوڙي. اسپيڪر جي اليڪشن ۾ اسان جو ماڻهو کٽي ويندو، جنهن بعد پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ آندي ويندي. ججن جون فيمليون پي ٽي آءِ جلسن ۾ شرڪت ڪنديون آهن. هنن چيو ته هر فيصلو انهن ٽن ججن ڪيو. عدليه آزاد هجڻ گهرجي، عدليه جو مطلب صرف ٽي جج ناهن، سمورا جج آهن، هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اليڪشن ۾ اسان جو ماڻهو کٽي ويندو. سڀاڻي( اڄ) جي چونڊ ۾ اپ سيٽ ٿيندو، سبطين خان اسپيڪر جي چونڊ هارائي ويندو . هن چيو ته آرمي چيف ۽ ادارن ۾ ايڪسٽينشن ختم ٿيڻ گهرجي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.