چوڌري شجاعت ۽ طارق بشير چيما پارٽي عهدن تان فارغ

لاهور(م ڊ) لاهور ۾ قاف ليگ جي سينٽرل ورڪنگ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾10 ڏينهن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ 5  رڪني اليڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، اجلاس ۾ چوڌري پرويز الاهي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ چوڌري شجاعت ۽ طارق بشير چيما کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي، اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامل علي آغا، چوڌري شجاعت حسين ۽ طارق بشير  چيما کي پارٽي جي عهدن تان هٽائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چوڌري شجاعت جي صحت سندس فيصلن تي اثر انداز ٿي رهي آهي، جڏهن ته طارق بشير چيما سازش ۽ پارٽي کي پنهنجي مفادن ۾ استعمال ڪري رهيو آهي، انڪري کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.