حڪمران طبقو مسئلن کان تعلق بڻيل آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت ٽن مهينن اندر عوام جي چوڏهن طبقن  کي روشن ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 90 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 90 رپيا في ليٽر واڌ، بجلي، گيس ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ويو آهي. ملڪ جو هر شهري مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ طوفاني برساتن کان پريشان آهي. حڪمران طبقو مسئلن کان لاتعلق آهي ۽ عوام کي حالتن جي رحم ڪرم تي بي يارو مددگار ڇڏيو ويوآهي، چيو ته حڪومتن معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ بدران قرضن تي بيهاري ملڪ کي آئي ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو. ملڪي ادارن کي وڪڻڻ لاءِ قانون جوڙيا پيا وڃن، جنهن تحت خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن کان پڇا ڳاڇا نه ٿيندي ملڪ ۾ پهرين ئي احتساب جو نالو ئي نه بچيو آهي. هڪ مخصوص لابي پهريان قومي ادارن کي ناڪام بڻائي ٿي ۽ پوءِ انهن کي وڪڻڻ لاءِ پروپيگنڊا مهم شروع ڪري ٿي جيڪڏهن گورننس بهتر ٿي وڃي ته ڪو سبب ناهي ته ادارا سڌري نه سگهن. ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي ڪري ملڪ تباهه ٿي ويوآهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.