عمران خان سنڌ فتح ڪرڻ جو خواب دماغ مان ڪڍي ڇڏي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت گرفتار ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن با اختيار ادارو آهي، حليم عادل شيخ کي زمينن تي قبضن تي اينٽي ڪرپشن گرفتار ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر گھنور اسراڻ سان  سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  حليم عادل شيخ کي آفر ڏيندي چيو ته  سرڪاري زمينن ۽ عام ماڻهن جا پيسا واپس ڪري ته  اينٽي ڪرپشن کيس آزاد ڪري ڇڏيندي،هن چيو ته هن ڪيسن جي عمران خان پاڻ اچي ڪري انڪوائري ڪري يا ڪا ٽين ڌر ٿرڊ  تحقيقات ڪري ته  حليم عادل شيخ جي خلاف ڪيس درست آهن يا نه.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان سنڌ ڀلي اچي ، پر سنڌ کي فتح ڪرڻ جا خواب پنھنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏي.  عمران خان پھرين  سنڌ ۾ پنهنجا مڪاني چونڊن ۾ اميدوار ته پورا ڪري.  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي ذھنن مان مٽائي ڇڏين ته سنڌ جا ماڻهو انھن  کي پنهنجو مينڊيٽ ڏيندا. هن چيو ته ٻڌو آھي ته پنجاب حڪومت کي هلائڻ لاءِ واٽس گروپ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ بني گالا جي هڪ عورت، فرح گوگي ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي شامل ڪيو ويو آهي. هن گروپ جي ذريعي پنجاب ۾ رشوت وٺي  بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون  . صدر آصف علي زرداري بابت سوال تي هن چيو ته انھن کي ڪووڊ ٿيو آهي، هو ويڪسينيٽڊ آهن، صدر آصف علي زرداري جي طبيعت بھتر آھي. عمران خان هاڻي به لاڏلو بڻيل آهي ۽ پي ٽي آءِ کي لاڏلي پارٽي ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ ھڪ جھڙو ھئڻ  گهرجي. مون سون برساتن بابت هن چيو ته پوري صوبي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. وڏو وزيرسنڌ سيد مراد علي شاهه پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته صرف ڪراچي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.