سينيٽ چيئرمين پاران لسٻيلي جي ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد جي هدايت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي لسٻيله، اوٿل ۽ بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ هاڻوڪي برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل  ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ضلعي انتظاميا ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي ۽ ريسڪيو عملدار متاثرين کي فوري امداد فراهم ڪن، هن چيو ته سمورن روڊن جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هيٺائين وارن علائقن جي آبادين کي محفوظ هنڌن تي منتقلي لاءِ قدم کنيا وڃن، سينيٽ چيئرمين ضلعي لسٻيله ويجهو اودگي ۾ علائقي واسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.