وزيراعظم پاران آصف زرداري جي صحتيابي لاءِ دعا

اسلام آباد(م ڊ)  وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪورونا مان جلد صحتيابي ٿيڻ لاءِ نيڪ تمنائن  جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي

  • آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ مارچ ۾ ٿيل گرفتارين جا تفصيل گهري ورتا

لاهور( م ڊ) آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ مارچ ۾  ٿيل گرفتارين جا تفصيل گهري ورتا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار جي حڪم بعد اي آءِ جي پنجاب سي سي پي او ۽ ريجنل پوليس آفيسرن کي لکت ۾ حڪم ناما موڪليا آهن. آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري، ياسمين راشد ۽ ٻين سان چڪرين بابت به پڇا ڪئي آهي. اٽڪ، حسن ابدال وٽ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موڪلڻ جي رپورٽ به گهري آهي.  03

  • عمران خان جي پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان وڊيو لنڪ ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي سان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقت ڪئي آهي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، سياسي ۽ انتظامي معاملن سميت عوام جي ڀلائي ۽ بهتري وارن پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  ان موقعي تي عمران خان پنجاب ۾ احساس پروگرام، صحت انصاف ڪارڊ سميت ٻيا پروگرام شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عمران خان چيو ته اڳوڻي حڪومت اسان جي فلاحي پروگرامن کي نظرانداز ڪيو، وقت اچي ويو آهي ته عوام جي ڀلائي وارا پروگرام بنا ڪنهن دير جي اڳتي وڌايا وڃن ته جئين عوام کي رليف ملي سگهي.

  • عمران خان جو لاهور وارو دورو ملتوي، هوائي اڏي تان واپس

لاهور ( م ڊ) موسم جي خرابي سبب پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان جو لاهور وارو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي،  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته عمران خان اڄ لاهور جو دورو ڪندو، پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي عمران خان جو دورو ملتوي ٿين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عمران خان لاهور جي دوري لاءِ هوائي اڏي تي پهچي چڪو هو پر موسم خراب هئڻ سبب کيس واپس موٽڻو پيو. ذريعن موجب عمران خان اڄ رٿيل اهم گڏجاڻين ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندو. ياد رهي ته عمران خان کي اڄ پنهنجي لاهور جي دوري دوران وڏي وزير پرويز الاهي سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون ۽ کيس پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي بابت روڊ ميپ ڏيڻو هو.

  • دانيا شاهه ۽ سندس ماءُ جا ڪوڙا انٽرويو پيا هلن: عامر جي ڌيءُ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪوٽرسلطانه تي ٻڌل رڪني بئنچ مشهور اينڪر پرسن ۽ ايم اين اي مرحوم عامرلياقت جي قبر ڪشائي خلاف ڌي دعا عامر  ۽ ڌر بڻائڻ جي لاءِ زال دانيا شاهه جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت درخواستن کي اڪلائيندي عامرلياقت جي ڌي جي وڪيل ضيااعواڻ کي مجسٽريٽ جي قبر ڪشائي جي فيصلي جي خلاف سيشن جج جي عدالت ۾  نظر ثاني جي درخواست  داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو تي اڄ عدالتي بائيڪاٽ آهي، ان ڪري ڪيس نٿو هلائي سگهي ۽ هي ڪيس سيشن جج جي ڪورٽ جو آهي، عدالت 10ڏينهن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت ۾ گهروارن جي وڪيل ضيااعواڻ چيو ته لاڳاپيل آفيسر موجود نه آهي .ان ڪيس کي موڪلڻ کان پوءِ ٻڌايو وڃي. ضيااعواڻ چيو ته هڪ جڊيشنل پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏئي ٿو ته ٻيو جج منع ڪري ٿو ۽ ميڊيا ۾ به دانيا شاهه ۽ سندس ماءِ جا ڪوڙا انٽرويو هلي رهيا آهن.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو اسان ان معاملن وڃن نٿا چاهيون اسان ڪيس جي حوالي سان ڳالهه ڪري رهيا آهيون چا اوهان مجسٽريٽ جي پوسٽ مارٽم واري حڪم نامي کي سيشن عدالت ۾ چيلنچ ڪيو .پهرين اوهان هو ڪم ڪرايو .جڏهن ته زال دانيا شاهه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ان ڪيس ۾ اسان کي ڌرجي درخواست ڏني آهي .عامرلياقت جي زال عدت ۾ آهي هن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهرجي چو ته هو هڪ مشهو رمعروف ماڻهو هو .هنن جا فلور ڪرڻ وارن چاهين ٿا هنن کي خبر پئي ته عامر لياقت جي موت ڪهڙي طرح ٿي .وڪيل ضيااعواڻ چيو هئي واضع آهي ته هڪ دانيا شاهه پاران وڊيو وائرل ٿي جنهن ڪري هو ڊپريشن جو شڪار ٿي ڪري فوت ٿي ويو آهي .عدالت درخواست کي اڪلائي ڇڏيو آهي.

  • نواز شريف واپس نه ايندو، نومبر ۾ چونڊون ٿينديون: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف واپس نه ايندو، جڏهن ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾  چونڊون ٿينديون. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ جي خود مختياري کي آئيني تحفظ حاصل آهي، ان جي اختيارن کي وڌائي سگهجي ٿو گهٽائي نٿو سگهجي.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي قاتل عدليا چيو ويو، سپريم ڪورٽ کي کيسي جي گهڙي، هٿ جي ڇَڙي نٿو بڻائي سگهجي ۽ نه ئي گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پنجاب جو سياسي گند ڪچرو گٽر ۾ ڦٽو ڪيو ويندو، نيب جي من پسند ترميم به ختم ٿيندي، اوورسيز کي ووٽ جو حق ملندو ۽ ماڊل ٽائون جي شهيدن کي انصاف ملندو. شيخ رشيد چيو ته ملڪي اثاثا کپائڻ کان اڳ ئي انهن جو کيل ختم ٿي ويندو، نه من پسند قانون سازي ٿيندي نه نواز شريف ايندو، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون.

  • آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس تي نظرثاني درخواست واپس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل  63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس طرفان صدارتي ريفرنس بابت فيصلي خلاف نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي. عدالت طرفان اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل ريفرنس تي ڪيل فيصلي جي نظرثاني درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو ريفرنس صدر طرفان موڪليو ويو هو. اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي ريفرنس آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ کي صدر طرفان موڪليو ويو آهي، ڪنهن به آرٽيڪل جي تشريح جو معاملو سپريم ڪورٽ ۽ صدر جي وچ ۾ هوندو آهي، جڏهن ته صدارتي ريفرنس ۾ ڏنل فيصلي تي نظرثاني درخواست موٽ جوڳي ناهي. واضح رهي ته آرٽيڪل 63 اي جي عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر عائشا نواز داخل ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.