غازي ڳوٺ اِي بلاڪ جا متاثر سراپا احتجاج، ڪئمپ قائم، قومپرست شريڪ

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري ) ڪراچي جي غازي ڳوٺ اِي بلاڪ جا متاثر سراپا احتجاج بڻيل آهن، گهر ڊاهڻ کانپوءِ ڪو به چونڊيل نمائندو ۽ لاڳاپيل انتظاميه وٽن لڙي نه آئي متاثرن جو ٻارهين ڏينهن به احتجاج، اِي  بلاڪ کي مسمار ڪرڻ خلاف قائم ڪيل ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت ڪري يڪجهتي ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪئمپ تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسم سربراهه رياض چانڊيو،رواداري تحريڪ جوپنهل ساريو، ڪراچي سوشل فورم جي اڳواڻ محبوب عباسي، اين ڊي پي چيئرمين ممتاز بروھي، قومي عوامي تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ايس يو پي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو، آغا شاهه زمان، غلام مصطفي چانڊيو، منان شيخ ، علي رضا هليو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن جيڪڏھن سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي غليظ سازش ڪيون ته کين ناڪام بڻائينداسين، سنڌ حڪومت تازو سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جو بل منظور ڪرايو ۽ اڄ سنڌي ڳوٺن خلاف سازشن مان اھو ثابت ٿيو ته ھي ڪچيون آباديون سنڌين جو نه پر ڌارين جون ليز ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ جي سازش ۾ سنڌ حڪومت سڌي ريت ملوث آھي، اسين سنڌ حڪومت کي تنبيھه ٿا ڪيون ته سنڌي ڳوٺن کي تحفظ نه ڏنو ويو ۽ سنڌي ڳوٺ کي ڊاھڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ته سنڌ جو ماڻھو ھاڻي سجاڳ ٿي چڪو آھي، اوھان جي سازشن کي ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، پنھل ساريو چيوته سنڌ ۾ برمي بنگالين۔ افغان پناھگيرن جي ڳوٺن کي ريگيولر ڪيو پيو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ جون سازشيون ڪيون پيون وڃن، هي شهر هي ڳوٺ اسان سنڌين جا آهن ڌارين کي سهولتون ۽ سنڌين کي بي دخل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪجي ٿي. محبوب عباسي چيو ته بلڊر مافيا کي سنڌي وسنديون اک ۾ ڪنڊو آهن جن کي هو مسمار ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ پئسو ڪمائڻ چاهين ٿيون، هنن جي زمينن جا سمورا کاتا جعلي آهن جيڪي روينيو عملدارن کي رشوت ڏئي حاصل ڪن ٿا عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ ۾ غريبن لکين روپيه خرچ ڪري اجھا ٺاهيا آهن انهن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ داخل ڪوڙا ڪيس فوري ختم ڪيا وڃن، اين ڊي پي سربراهه ممتاز بروھي چيو ته دنيا اندر گادي جي هنڌ واري شهر ۾ انهن کي تحفظ ۽ سهولتون ڏنيون وينديون آهن پر ڪراچي ۾ وطن جي وارثن کي قبول به نه ٿو ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت ڌارين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل، ۽ آبادين کي ليز ڏئي رهي آهي ڇا پختوان خواهه يا گلگت ۾ اسان کي اهڙيون سهولتون ملنديون؟ هاڻ سنڌين سان ناانصافي بند ڪئي وڃي ، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو چيو ته سنڌ حڪومت سنڌي ماڻھن جي ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ بجاء الٽو اسان جي گھرن تي چڙھائيون ڪري رھي آھي۔ جيڪو عمل فوري طور تي بند ٿيڻ گھرجي، جسم اڳواڻ رياض چانڊيو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ٿيڻ کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽي جي 72 واري آئين کان وٺي اڄ ڏيھن تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ويساھ گھاتي ڪندي آئي آھي اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي ھٿي ڏئي مضبوط ڪري رھي آھي پر سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ئي ڌرتي تي برداشت نه تي ڪري، اسان ھتي رياست سميت پاڪستان پيلز پارٽي کي اھو چتاء ٿا ڏيون ته اسين پنھنجي ڌرتي جي وارثي ۽ مالڪي ڪنداسين، سنڌي ماڻھن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو۔ پاڪستان پيپلز پارٽي ھي ظلم بند نه ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌي ڳوٺن خلاف سازشيون بند نه ٿيون ته ايس يو پي جي پپليٽ فارم تان سخت احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين۔ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اھو سوچڻ گھرجي ته سنڌي آباديون ۽ انھن آبادين ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو سندن ووٽر آھن۔ جيڪڏھن انھن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي به ڪراچي ۾ مظبوط نه رھندي.

  • قديم ڳوٺ ڊاهي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي: عوامي جمهوري پارٽي

گلشن اقبال(ن ع آ) ع ج پ مرڪزي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو ،حريف خان چانڊيو، لال محمد چانڊيو، دريا خان شيخ چيو آهي  ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٺاهي سڄي دنيا جا پناهه گير آباد ڪيا ويا آهن سنڌين جا قديم ڳوٺ ڊاهي بحريا ٽائون ،ڊي ايڇ اي ۽ ٻيا منصوبا جوڙي ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ ۾ سوين غريب آباد آهن جن وٽ سمورا قانوني دستاويز موجود آهن پر بلڊر مافيا ۽ سچل پوليس جي ملي ڀڳت سان اجھا ٽوڙي ڳوٺاڻن کي جبري بي گهر ڪيو پيو وڃي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي ڌارين جي ڳوٺن کي سهولتون پاڻي، گئس، بجلي ڏئي ليز ڪيو پيو وڃي پر سنڌين جي ڳوٺن کي بنيادي ضرورتن کان محروم ڪري انهن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي سنڌ اندر سنڌين سان انصاف جو ادارو موجود نه آهي جيڪي تدارڪ ڪري سنڌ سرڪار ڳوٺن کي ڪيرائڻ تي مڪمل خاموش آهي جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته اها به هن ڪڌي عمل ۾ ملوث آهي

  • ايس يو پي پاران غازي ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت، احتجاج جو اعلان

گلشن اقبال(ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن جو اجلاس مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو جي صدارت هيٺ  ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفي چانڊيو، ڪراچي ڊويزنل صدر منير مگسي، رزاق شر، مخدوم شمس، عنايت کٽياڻ، ڊاڪٽر نواز گبول، امير جان چانڊيو، اصغر کوسو، مجيب کهاوڙ، سعيد احمد ملهڻ، اسحاق سوڍر ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي تعاون سان بلڊر مافيا پاران عبدالله شاهه غازي ڳوٺ مسمار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته آچر  تي 2 وڳي ماروئڙا ڳوٺ کان عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه سيد زين شاه ڪندو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ، اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا اعجاز سامٽيو چيو ته ڪراچي اسان جو ساهه آهي ڳوٺن خلاف ڪاروايون سنڌين خلاف سازش سمجهون ٿا ڳوٺن کي مسمار ڪندڙن کي سنڌ سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي ڳوٺن جو گڏيل جدوجهد سان دفاع ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.