بلوچستان ۾ انساني المئي کان لاتعلقي تي سوشل ميڊيا سياستدانن ۽ ادارن تي ڏمريل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين جا خوفناڪ منظر سامهون اچي رهيا آهن،خاص طور تي بلوچستان ۾  اندازي کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصويرن احساس رکدنڙ هر ماڻهو جو جيءُ جهوري وڌو آهي، حڪومت پاران ٻوڏ متاثر علائقن تي ڌيان نه ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي، ٽوئيٽر تي ” خاموش انتظاميا، ٻڏندڙ بلوچستان“ ٽاپ ٽرينڊ ڪندو رهيو، مقبول بلوچ لکيو ته جيڪي متاثر ٿيا آهن اهي به انسان آهن، انهن توهان کي زمين جو وڏو حصو ڏنو، قدرتي گئس، معدني وسيلا ڏنا، توهان انهن جي زمين موتمار هٿيارن لاءِ استعمال ڪئي، انهن(بلوچ) توهان کي سمنڊ ۽ ساحل ڏنو،سهيل سهراب لکيو ته بلوچستان توهان جي مدد جو منتظر آهي، نيلو خان نالي صارف 2015ع ۾ سمنڊ ۾ ٻڏي ويندڙ شامي ٻار ايان ڪرد ۽ بلوچستان ۾ ٻڏي ويل معوصم ٻار جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪو ماڻهو آهي جيڪو بلوچستان جي ماڻهن کي بچائي؟ ڇا اهي پاڪستاني ناهن، پي ٽي آءِ ٽائيگر سب ڊويزن اورنگي جي وال تان لکيو ويو ته هي ڇا هلي رهيو آهي؟ ڇا بلوچن جي ڪير مدد ڪندو؟ ميران بلوچ لکيو ته بلوچستان کي فوري ريسڪيو ڪرڻ جي ضرورت آهي، قاسم خان لکيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ به ساڳي صورتحال آهي، محمد ثقلين فاطم پاران ڪيل ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪيو ته سياستدانن ۽ جنرلن جي جڏهن پنهنجي اولاد جو مستقبل يورپ ۾ هجي ته هن عوام جي مدد لاءِ ڪيئن ايندا،پاڪستان ته انهن سياستدانن ۽ جرنيلن  لاءِ رڳو ڪمائي جي جاءِ آهي،علي شاهه رضوي لکيو ته ٽي ايل پي جا ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ امدادي ڪم ۾ حصو وٺي رهيا آهن، سيده ثنا شهزاد لکيو ته هر پاڪستاني کي بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي،ياسر خٽڪ چئن ٻارن جي لاش وٽ سوڳوارويٺل پونيئر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مون وٽ لفظ ناهن، علي رضا نالي صارف جيو نيوز جي ويب سائيٽ تي مهوش حيات جي جوتي جي قيمت واري تصوير ۽ ٻوڏ متاثر گهر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ۾ صحافت جا معيار ته ڏسو، يوئرز هائوٽ بواءِ جي وال تان لکيو ته پاڪستان جي حڪومت ، سياستدانن، جنرلن۽ خاص طور تي بلوچ سردارن کي شرم اچڻ گهرجي، سيد غضنفر علي لکيو ته جڏهن سياسي پارٽيون ڪرسي لاءِ وڙهي رهيون آهن، ٽي ايل پي بلوچستان لاءِ اميد جو مرڪز بڻجي رهي آهي، فيصل شهزاد هڪ اميج شيئر ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته تاريخ ۾ ڪارن لفظن سان لکيو ويندو ته پاڪستان ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن بلوچستان برساتن کان متاثر هو، ماڻهو مري رهيا هئا، هر طرف رڙو رڙ هئي، مال زراعت سڀ ٻوڏ جي وڪڙ ۾ هئا، پر رياست ۽ ان جي مشينري تخت لاهور بچائڻ لاءِ مصروف هئي،لياقت بلوچ  لکيو ته رياست کي تخت لاهور جي ڳڻتي آهي، خانزاده پي ٽي آءِ لکيو ته حڪومت پاڪستان ڪٿي آهي؟ ڇا توهان کي اهو سڀ ڪجهه نظر نه پيو اچي، پاڪستاني ميڊيا ڪوڙي آهي، عتيق الرحمان لکيو ته اتحادي ڪٿي آهن، جيڪي ملڪي مفاد” عظيم تر مفاد“ ۾ پنهنجي اولادن جي عظيم تر مفاد ۾ الڳ ٿيا هئا، پاڪستان ۾ ووٽ سان چونڊيل نمائندا اسيمبلي ۾ پاڪستاني عوام لاءِ نٿا اچن، اهي پنهنجي اولادن جو مستقبل بڻائڻ ۽ غريب کي غريت تر ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، افسوس هن ملڪ، آئين ۽ ان جي محافظن تي، عبدالرحمان خان نالي صارف لکيو ته فوج کي ٽيگ نه ڪريو، فوج اتي پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهي آهي، اهي وقت هو حڪومت جاادارا ۽ حڪومت اچي، پر افسوس! اها ڳالهه ياد رکي ويندي ته جنهن اداري کي اسان بدنام ڪري رهيا هئاسين انهن بارڊر جي ذميواري سان گڏ اسان کي به بچايو، سيد باقر جعفري لکيو ته يوٿين ۽ تپيدارن جو ڪرسي ڪرسي جوکيل ختم ٿيو ته هاڻي ياد اچي رهي آهي، ٻوڏ اڄ ناهي آئي، ايوش لکيو ته ميڊيا سياست سياست کيڏي رهي آهي، توبهه،  راسب لکيو ته سياستدانن جو پاڪستان جي عوام سان ڪجهه نه وڃي، هوڏانهن سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن تي ڪنهن جو به ڌيان ناهي، 300 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،هزارين متاثر ٿيا آهن، سڀ کان وڌيڪ نقصان بلوچستان ۾ ٿيو آهي، هزارين گهر تباهه ٿيا آهن، پاڪستان جي هر علائقي ۾ تباهي آيل آهي، سڀني کي گڏجي امداد ڪرڻ گهرجي،

حب/ ڪوئيٽا (رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ شديد برساتون آفت بڻجي ٽٽيون، جهان ڪان مهتزئي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 5 ماڻهو لڙهي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ گهر ڪري پيا، ڪيترائي  زخمي ٿي پيا، پي ڊي ايم اي مطابق توبه اچڪزئي، پاڪ افغان سرحدي علائقن سميت زوب، قلعه سيف الله، زيارت، پشين ۽ قلعه عبدالله ۾ رات کان تيز برسات جو سلسلو جاري اهي، جڏهن ته ڊيمن جا اسپيل وي کولڻ سان توبه اچڪزئي جا هيٺانهان علائقا ٻڏي ويا، چمن، پشين، مسلم باغ، قلعه سيف الله ۾ وڏي پئماني تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي، برساتن سبب باب دوستي بارڊر بند ٿي ويو، جڏهن ته ڊيم اوور فلو ٿيڻ سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، سوراب ۾ ندي جو بند ٽٽڻ سان هوٽل، ڪيترائي دڪان ۽ گاڏيون لڙهي ويون، صوبي ۾ ڪيترائي روڊ ۽ پليون وهي وڃڻ سان علائقن جو پاڻ ۾  صوبي جو ملڪ جي ٻين حصن سان رابطو جڳهه جڳهه کان ڪٽيل آهي، صوبي ۾ بدترين صورتحال سبب مسافربسون وچ رستي ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات،دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ لڳي آهي، وڍ، ٻيلي، اوٿل ۽ وندر جي علائقن ۾ مسافر وڏي انگ ۾ ڦاٿل آهن جڏهن ته ٽاور لڙهي وڃڻ ڪري مواصلاتي نظام مفلوج ٿي ويو آهي، ڪوئيٽا ڪراچي شاهراهه تي ٻيهر برسات سبب مسافرن جي مشڪلات ۾ اضافو ٿيو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا، ڪراچي شاهراهه آچر تائين بند رهندي، چيف سيڪريٽري بلوچستان جو چوڻ اهي ته صوبي ۾ 500 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتون پيون آهن، جنهن سان بي پناهه نقصان ٿيو آهي، هيل تائين فوتين جو انگ 111 ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارن جي انگ ۾ مال به مري ويو آهي،50 هزار گهر متاثر ٿيا اهن،  بي بي سي موجب لسٻيلي ۾ وڏي ٻوڏ آيل آهي، ندي نالن تي قائم پليون متاثر ٿيڻ سان هزارين مسافر ڦاٿل آهن جڏهن ته ٻهراڙي جي ماڻهن کي اڃا تائين ريسڪيو ناهي ڪيو ويو، هزارين مائرون ڀينرون زمين تي ويهي رات گذاري رهيون آهن، سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، هوڏانهن اين ايڇ اي جي چيئرمين ٻڌايو ته حب ۾ نئون باءِ پاس بڻائي رهيا آهيون، ايم ايٽ تي ڪجهه جاين تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي ،جڏهن ته ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ٿيندڙ پلين جي مرمت به ڪئي وئي آهي، ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي مطابق لسٻيلي ۾ طوفاني بارش کانپوءِ هزارين ماڻهو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته اوڙڪي  ۽ ٻين هنڌن تي ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل 250 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.