ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪميٽي قائم، متاثر گهرن جو معاوضو وڌائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سڄي  ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ متاثر گهرن جو معاوضو وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي ايندڙ چئن ڏينهن اندر سمورن علائقن جو دورو ڪندي، ڪميٽي جي سفارش تي متاثرين جي بحالي لاءِ جامع منصوبو جوڙي ويندو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ دوران ٿيل نقصان جي جائزي لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ايندڙ چئن ڏينهن اندر سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪندي جنهن کانپوءِ 4 آگسٽ تي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ مختصر مدي، وچئين مدي ۽ ڊگهي مدي وارا جامع پلان جوڙيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر ۽ زخمين جي امداد کي 50 هزار کان وڌائي 2 لک روپيا ڪيو وڃي، ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڌار امداد کي ختم ڪري متاثر گهرن لاءِ هڪجهڙي امداد فراهم ڪئي وڃي، جزوي طور متاثر گهرن جي امداد 25 هزار مان وڌائي اڍائي لک ۽ مڪمل طور تباهه گهرن لاءِ 50 هزار کان وڌائي 5 لک ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ان قدرتي آفت جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي ڀرپور مدد ڪندي. گڏيل مدد سان متاثر ماڻهن جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿاٽيز بدران ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ جي حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻائي وڃي، هن چيو ته  ڪراچي ۾ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ موجوده فنڊ جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت معزز عدالت کي خط لکندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.