بلوچستان ۾ ٻوڏ، عبدالقدوس بزنجو پاران لنڊن جو دورو ملتوي

حب(ن ع آ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته انشاءُ الله مشڪل جي ان گهڙي ۾ پنهنجي عوام ۽ متاثرن جي وچ ۾ رهي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪندس، وزيراعليٰ چيو ته سڄي صوبي ۾ شديد برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال ۽ وڏي پئماني تي ٿيل نقصانن جي روشني ۾ پنهنجون لنڊن وارو دورو ملتوي ڪيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.