پرويز الاهي اسپيڪر لاءِ زين قريشي جو نالو رد ڪري ڇڏيو

لاهور (عوامي آواز نيوز)  پنجاب ۾ اڄ  اسپيڪر جي چونڊ ۾ شاهه محمود قريشيءَ جي  پٽ زين قريشيءَ جو نالو پرويز الاهي  ڪاٽي ڇڏيو ۽  سبطين خان کي اسپيڪر جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ۾ ويڇا وڌڻ لڳا آهن، نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته اڳ ئي شاهه محمود قريشيءَ کي پرويز الاهي  کي وڏو  وزير نامزد ڪرڻ تي خدشا هئا، سندس موقف هيو ته پي ٽي آءِ جا 176 ۽ پرويز الاهي  جا 10 ووٽ آهن، ان کي وڏ وزارت ڏيڻ جو ڪهڙو منطق آهي، ان کانپوءِ وري پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين جي حيثيت سان هن پنهنجي پٽ زين قريشيءَ  جو نالو اسپيڪر لاءِ ڏنو ته اهو به پرويز الاهي رد ڪري ڇڏيو جنهن سبب شاهه محمود قريشي شديد ڪاوڙ ۾ آهي،  ڏسڻو آهي ته شاهه محمود پنهنجي سياسي مستقبل جو ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري  ڇو ته پرويز الاهي ۽  عمران خان ۾ ويجهڙائپ ۽  پي ٽي آءِ جي فيصلن جو اختيار پرويز الاهي کي ڏيڻ سبب هاڻ عمران خان مان مايوس ٿي رهيو آهي.

  • پنجاب جي 9 پي ٽي آءِ  ايم پي ايز جو آصف زرداري سان رابطو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پنجاب اسيمبليءَ جي 9 پي ٽي آءِ ايم پي ايز جو آصف علي زرداري سان رابطي  ۾هجڻ جو انڪشاف، پي ٽي  آءِ سوشل ميڊيا جي اينڪر  نجم الحسن باجوه انڪشاف ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ علي زيدي کي اهڙن رابطن جي ڄاڻ  ملي وئي جنهن فوري طور  عمران خان کي  اهڙو اطلاع ڏنوآهي، جنهن  کانپوءِ  انهن جي نشاندهي به ٿي وئي ۽ ساڻن ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.