سنڌو ۾ چاڙهه، ڪچي مان لڏپلاڻ، بند ڪمزور، ٽوڙي سانحي جو خدشو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو)  سنڌو ڌرياءَ ۾ چاڙهه بعد ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي،ڪچي جا ڳوٺ پاڻي ۾ اچي ويا.  پاڻي جي چاڙهه بعد گبلو واري علائقي ويجهو 18 ميل وٽان پاڻي وهڪرا تيزي سان بند کي پائڻ لڳا.تيزي سان پاڻي وهڪرا وڌڻ سبب بند جو 300 فٽ حصو درياءَ پائي ويو آهي. بند کي سنڌو ڌرياءَ تيزي سان پائڻ سبب علائقي واسين جو ساه مٺ ۾ اچي ويو.علائقي واسين پاران گهر ٻار ڇڏي بند جي مضبوطي جي ڪم ۾ علائقي واسي به مصروف ٿي ويا ۽ ڏينهن رات چوڪيداري ڏيڻ لڳا. بند جي ڪمزور حالت بابت علائقي واسين آبپاشي عملدارن کي پڻ آگاه ڪيو جنهن بعد گڊو بئراج جو چيف انجنيئر محمد اسحاق عباسي بند تي پهچي ويو ۽ بند تي هيوي مشينري سميت عملو بند جي مضبوطي جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. بند جي ڪمزور حالت بابت چيف انجنيئر گڊو بئراج جو چوڻ هو ته علائقي واسين بند جي ڪمزور حالت بابت آبپاشي عملدارن کي آگاهي ڏني. بند تي موجود ڳوٺاڻن مير محمد بنگوار،ياسين ۽ ممتاز بنگوار جو چوڻ هو ته بند انتهائي ڪمزور ٿي ويو آهي بند جي مضبوطي جو ڪم هنگامي بنيادن تي نه ٿيو ته پورو ضلعو ۽ سنڌ متاثر ٿيندي هن چيو ته پهريان ئي آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪيو ويو  پر هنن ڌيان نه ڏنو هاڻ ته بند جو گهڻو حصو پائجي ويو آهي . سنڌو ڌرياءَ ۾ تيزي سان پاڻي وهڪرا وڌڻ بعد ڪچو ٻڏي ويو آهي. ڳوٺ جيوڻ گولو سميت 20 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.ڪچو ٻڏڻ بعد ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري لڳا آهن.ڪچي ۾ پاڻي داخل ٿيڻ بعد ڳوٺاڻا پنهنجو قيمتي سامان اناج وغير پڪي طرف منتقل ڪرڻ لڳا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.