ملڪ ۾ پهرين هندو عورت منيشا روپيتا ڊي ايس پي جي چارج سنڀالي ورتي

ڪراچي (م ڊ) منيشا روپيتا پاڪستان جي پهرين هندو عورت آهي جنهن کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي چارج ڏني وئي آهي ۽ هو  ڪراچي جي علائقي لياري ۾ تربيت هيٺ آهي. سندس واسطو سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد سان آهي جتان هن پرائمري ۽ سيڪندري تعليم حاصل ڪئي. هو چوي ٿي ته جيڪب آباد ۾ ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو لاڙو گهٽ آهي. منيشا جو پيءُ جيڪب آباد ۾ واپاري هو، منيشا رڳو 13 ورهين جي هئي ته سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ماءُ پنهنجن پنجن ٻارن جي اڪيلي سر پرورش ڪئي ۽ کين تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪراچي لڏي آئي. سندس ٽي ڀيڻون به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهن جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ ميڊيڪل مئنجيمنيٽ جي تعليم پرائي رهيو آهي. منيشا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جي تياري ڪندي رهي هئي ۽ امتحان پاس ڪيو ته 438 اميدوارن مان 16هين نمبر تي آئي. هاڻي هو ڊي ايس پي جي چارج وٺندي ۽ ٽريننگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته اها سوچ ختم ڪرڻ گهري ٿي ته عورتون ٿاڻي تي ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.