حڪومت عدليا ۽ ٻين ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي؟

اسلام آباد(م ڊ) پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ عدالتي سڌارا آڻينداسين، نقادن جو چوڻ آهي ته حڪومت بنيادي طور تي عدليا ۽ ٻين ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي،  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ  مسرت جمشيد چيما جو چوڻ آهي ته اهي سمورا حڪومتي قدم بدديانتي تي ٻڌل آهن،  هن چيو ته حقيقي سڌارن لاءِ پوليس ۾ به سڌارا آندا وڃن،  سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جسٽس وجيهه الدين جو چوڻ آهي ته حڪومت جي اها به ڪوشش آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان فوج  کي به ڪنٽرول ۾ آڻي، پر  حڪومت سڌارا آڻي نه سگهندي،  جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبر راهب بليدي جو چوڻ آهي ته بئنچ جوڙڻ جا چيف جسٽس جا اختيار ختم ٿيڻ گهرجن، اهي اختيار صرف چيف جسٽس وٽ نه هجڻ گهرجن، سينيئر ججن تي ٻڌل بئنچ جڙڻ گهرجي. هن چيو ته عدالتي سڌارا ضروري آهن ڇاڪاڻ ته عدالتن ۽ ججن تي سوال اٿي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.