رتي ديري ۾ اي ايس آءِ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

رتو ديرو (ن ع آ) لاڙڪاڻي لڳ ھڪ مھينو اڳ مارجي ويل اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ سندس وارثن رتوديرو ۾پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاھرو ڪري تحفظ جون التجائون ڪيون. ان موقعي تي منظور علي، اصغر علي، رياض، شيراز، اياز ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته مھينو ٿي ويو پر غلام اڪبر سيانچ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آھي. ھنن چيو ته اسان 6 جوابدارن صحبت، برڪت، مٺل، غلام حسين، ستار ۽ شاھنواز ڀٽي مٿان قتل جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، جوابدار سرعام گهمي رھيا آھن. ھنن چيو ته جوابدار ھيبت ڀٽي سوشل ميڊيا تي اسان جي خلاف غلط بياني ڪري رھيو آھي، ان کان علاوه جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائڻ ۽ مقتول جي ڀاءُ منظور سيانچ کي قتل جون ڌمڪيون ڏياري رھيا آھن، ھنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.