نوابشاهه ۾شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو، جاچ ڪميٽي تي اعتماد

سڪرنڊ (ن ع آ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽنري اينيمل سائنسز سڪرنڊ ۾ ليڪچرار پاران شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ واري  واقعي بعد نياڻي جي والد غلام قادر ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي شڪايت تي يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فاروق حسن متي انڪوائري ڪاميٽي اسان جي شڪايت تي جوڙي آهي جنهن تي اسان کي مڪمل اعتماد آهي. اسان کي يونيورسٽي انتظاميه سان ڪا به شڪايت نه آهي صرف هڪ فرد ليڪچرار علي مجتبيٰ شاهه سان مسئلو هلندڙ آهي جنهن خلاف يونيورسٽي انتظاميه نوٽيس ورتو آهي. ڪجهه ماڻهن جا يونيورسٽي سان پرسنل مسئلا هلندڙ آهن جيڪي اسان جي مسئلي جواز ڄاڻائي يونيورسٽي انتظاميه ۽ يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر سيد علي رضا شاهه خلاف بلاوجه واويلا ڪري کين کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا فائده ۽ مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي منهنجي نياڻي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن. يونيورسٽي انتظاميه انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي جنهن جو فيصلو اچڻ بعد ئي اسان وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سوچينداسين. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي اسان جي نالن سان منصوب غلط خبرون هلايون پيون وڃن جيڪو عمل سراسر غلط آهي. يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر سيد علي رضا شاهه ميڊيا کي موقف ڏيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻيون اسان جو نياڻيون آهن. يونيورسٽي ۾ ڪنهن به غلط ماڻهو کي برداشت نه ڪيو ويندو. شاگردياڻي جي وارثن جي مرضي مطابق انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.