سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه مان عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش هٿ

سکر/روهڙي (رپورٽر+ن ع آ) سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ هڪ عورت سميت چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، اطلاع تي سکر بئراج جي گيٽن تي ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو.پوليس پهچي لاش درياهه مان ڪڍرايا، ريسڪيو عملي موجب سکر بئراج جي ٽن دروازن 40، 41 ۽ 60 وٽ عورت سوڌو  4 ڄڻن جا ڦاٿل لاش ڪڍيا ويا، جيڪي اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي.  ته عورت سوڌو 4 ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد سرد خاني ۾ رکرايا ويا آهن، اڃا تائين سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جيڪڏهن سڃاڻپ نه ٿي ته ايڌي وارن کي لاش ڏنا ويندا، جيڪي  لاش امانتي طور دفنائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.